فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي هڪ اهم ميچ ۾ پورچوگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد مراڪش جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي هڪ اهم ميچ ۾ پورچوگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد مراڪش جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي پهرين هاف جي چوٿين منٽ ۾ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي.

ڪرسٽيانو رونالڊو هيڊ ذريعي شاندار گول اسڪور ڪري ٽيم کي جيڪا برتري ڏياري اها ميچ جي آخر تائين برقرار رهي ۽ اهڙي طرح پورچوگال جي ٽيم مراڪش جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي اڳين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*