پاڪستان جي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيو آهي، جنهن سبب سندس مٿان ٽن مهينن جي پاپندي لڳي سگهي ٿي

پاڪستان جي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيو آهي، جنهن سبب سندس مٿان ٽن مهينن جي پاپندي لڳي سگهي ٿي.

ذريعن مطابق احمد شهزاد جو ڊومسٽڪ سيزن دوران ڊوپ ٽيسٽ ورتو ويو هو.

اسٽار اوپنر وٽ ٻيو سيمپل ڪرائڻ جو موقعو موجود آهي.

احمد شهزاد جو قسمت جو ستارو اڄ ڪلهه گردش ۾ اچي ويو آهي، ٽِيسٽ ۽ ون ڊي ٽِيم مان ڊراپ ٿيڻ بعد هاڻي هو قومي ٽِي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر آهي، پر خراب ڪارڪردگي سبب اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ مشڪل نظر اچي رهي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي زميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد شهزاد جو ڊوپ ٽِيسٽ مثبت آيو آهي، جنهن سبب سندس مٿان پاپندي واري تلوار لڙڪي رهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد شهزاد جي باري ۾ ڪاروائي ورلڊ اينٽي ڊوپنگ ايجنسي ڪندي.

واضح رهي ته اسڪاٽ لينڊ خلاف احمد شهزاد ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ 14۽24رنز جي اننگ کيڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*