الطاف حسين وارو معاملو گهرو وزارت جي ماتحت آهي، تسنيم اسلم

پرڏيهي ترجمان، الطاف حسين جي معاملي تي تبصر کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان گهرو وزارت کان پڇيو وڃي، موت جي سزا تي عمل ڪري پاڪستان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي نٿو ڪري، ان بابت اسان جو آئين ۽ قانون اهڙي اجازت ڏئي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته الطاف حسين وارو معاملو گهرو وزارت جي ماتحت آهي، ان حوالي سان پرڏيهي وزارت ڪو به تصبرو يا بيان جاري نٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن جو احترام ڪري ٿو پر ڦاهي واري معاملي تي اسلام آباد جو پنهنجو نقطه نظر آهي، موت جي سزا جي عمل سان ڪنهن به عالمي قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿي رهي آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان، پنهنجي شهرين جي تحفظ جو پابند آهي، يورپي يونين  پاران جي ايس پي جو درجو ڏيڻ واري معاملي جو ڦاهين جي سزا تي عمل سان ڪو به تعلق ناهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته  پاڪستان، افغان مفاهمتي عمل جي حمايت ڪري ٿو ، افغان سرڪار ۽ طالبان ۾ امن ڳالهين جي به هو آجيان ڪن ٿا.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم اهو به چيو ته چيني صدر جي پاڪستان جي دوري جي تاريخ طئي ناهي ٿي پر چين جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*