ٽنڊو آدم بلديه ۾ ڊيلي ويجز  ملازمن پگهارن ۾ اضافي ۽ عيد جا ڪپڙا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٽنڊو آدم بلديه ۾ ڊيلي ويجز  ملازمن پگهارن ۾ اضافي ۽ عيد جا ڪپڙا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ملازمن احتجاج ڪندي چيئرمين آفيس جو گهيرو ڪيو ۽ زوردار نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن امجد ڀٽي، ذوالفقار مسيح ۽ ٻين چيو ته بلديه عملي لاءِ عيد تي ڪپڙن جو ٽينڊر ٿيڻ باوجود کين ڪپڙا نه ڏنا ويا، هنن الزام هنيو ته ڪپڙن جي مد ۾ آيل پئسا ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 هنن وڌيڪ چيو ته ڊيلي ويجز ملازمن کي سڄي صوبي ۾ 15 هزار رپيا پگهار ڏني ويندي آهي پر هتي صرف 10 هزار ڏنا وڃن ٿا جيڪا زيادتي آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺي فوري طور تدارڪ جي اپيل ڪئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*