نگران وزيراعظم ناصر الملڪ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا وچ ۾ ملاقات دوران چونڊ تيارين جو جائزو ورتو ويو

نگران وزيراعظم ناصر الملڪ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا وچ ۾ ملاقات دوران چونڊ تيارين جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم چونڊن دوران مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطا جاري رهندا، شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين.

نگران وزيراعظم ناصر الملڪ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس پهتو ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري نگران وزيراعظم ناصرالملڪ جي آجيان ڪئي.

اليڪشن ڪميشن ۾ نگران وزيراعظم جي سربراهي ۾ بند ڪمري ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊن جي تيارين، سيڪيورٽي معاملن ۽ ٻين  سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

ذريعن موجب، نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عام چونڊن لاءِ ڪيترائي چيلنجز آهن پر اليڪسن ڪميشن شفاف ۽ غيرجانبدر چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهي،

چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ تيارين بابت نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، قوم جي اُميدن تي پورا لهنداسين، شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي،

وزيراعظم چونڊن دوران مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطا جاري رهندا، شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*