پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جا به نامزدگي ڪاغذ منظر عام تي اچي ويا

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جا به نامزدگي ڪاغذ منظر عام تي اچي ويا، هو به ڪروڙ پتي نڪتو، شهباز شريف 172 ڪينال جي ايراضي جو مالڪ ۽ 5 ملز جو شيئر هولڊر آهي.

عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف به پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن موجب، شهبازشريف جون ٻه گهر واريون آهن، هڪ جو نالو تهمينا ۽ ٻي جو نالو نصرت آهي ۽ هو هڪ لينڊ ڪروزر جو مالڪ به آهي.

نامزدگي فارمن ۾ شهبازشريف پاڻکي 172 ڪينال جي ايراضي جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي ۽ پنهنجو بينڪ بيلنس هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا ٻڌايو آهي.

ظاهر ڪيل اثاثن موجب، شهباز شريف 5 ملز جو شيئر هولڊر آهي، جڏهن ته بينڪ مان 38 لک 94 هزار 518 رپين جو قرض به کنيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*