نگران وفاقي گهرو وزير اعظم خان چيو آهي ته ذولفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان فائل چيڪ ڪرڻ بعد ڪڍيو ويو

نگران وفاقي گهرو وزير اعظم خان چيو آهي ته ذولفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان فائل چيڪ ڪرڻ بعد ڪڍيو ويو، عمران خان سوڌو ڪنهن به نالو ڪڍڻ لاءِ رابطو نه ڪيو هو، ذولفي بخاري پاران سعودي عرب کان واپس اچڻ جي ضمانت ڏيڻ بعد 6 ڏينهن لاءِ سندس نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍيو ويو هو.

اسلام آباد ۾ سينيٽ جي گهرو معاملن واري ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو.

ڪميٽي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ نگران وفاقي گهرو وزير اعظم خان کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڀيلڪار چئو.

ان موقعي تي عمران خان جي دوست ذوالفي بخاري وارو معاملو به اٿاريو ويو.

رحمان ملڪ چيو ته مون ڊائريڪٽر طور ايف آءِ اي اعظم خان سان گڏ ڪم ڪيو، جيڪو چيف سيڪريٽري هو. کانئنس گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو.

هن چيو ته اڳ به چيو هو ته جيڪڏهن ذولفي بخاري کي آگاهه نه ڪيو ويو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ غير قانوني هوندو.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته ذولفي بخاري جي معاملي تي سينيٽر مقبول احمد جي صدارت هيٺ ڪميٽي جوڙيان ٿو، جيڪو گهرو وزارت سان گڏجي معاملي جي رپورٽ ڪميٽي ۾ جمع ڪرائندو.

سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته ذوالفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ نه هو ۽ بليڪ لسٽس جي ڪا به قانوني اهميت نه آهي. گهرو وزارت بليڪ لسٽ لاءِ پهرين قانون واضح ڪري ۽ پوءِ ان کي لاڳوڪرڻ شروع ڪري.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته بليڪ لسٽ ۽ اي سي جو پاڪستاني ۽ اوور سيز پاڪستانين تي قانون واضح ڪري،

نگران گهرو وزير ذولفي بخاري کي معاملي تي سينيٽ جي گهرو ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مون وٽ گهرو سيڪريٽري فائل کڻي آيو هو ۽ چيو هو ته ذوالفي نالي شخص عمران خان سان گڏ عمري تي وڃي رهيو آهي.

نگران گهرو وزير چيو ته  ذوالفي بخاري بليڪ لسٽ تي آهي ۽ کيس روڪيو ويو آهي، هن بليڪ لسٽ مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ڏني آهي ۽ بيان حلفي به ڏنو آهي ته هو واپس ايندو.

هن چيو ته مون ذولفي جي فائل ڏٺي ۽ ڇهه ڏينهن جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ لکيو ته کيس واپس اچڻو پوندو. مون کي عمران سميت ڪنهن جو به فون نه آيو.

نگران گهرو وزير چيو ته زلفي بخاري خلاف نيب ۾ آف شور ڪمپنين جو ڪيس آهي، نيب زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني.

ان موقعي تي رحمان ملڪ چيو ته کير ۾ شيمپو ملائي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ان تي انتظاميا وٽ ڪهڙو ميڪنزم آهي، پاڪستان جي ماڻهن کي گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت کارايو پيو وڃي.

گهرو معاملن واري اسپيشل سيڪريٽري رضوان ملڪ چيو آهي ته فوڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ بجيٽ رکي وئي آهي، آءِ سي ٽي جي بجيٽ وڌائي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*