سڌ سماءَ واري نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ غور ڪري رهيا آهيون

سڌ سماءَ واري نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ غور ڪري رهيا آهيون، اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو هڪ طريقيڪار آهي، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو وجهڻ لاءِ ڪابينا منظوري ڏيندي آهي، ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ نه هو، جڏهن ته بليڪ لسٽ نالو ڪنهن به وقت ڪڍي سگهجي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالاهئيندي علي ظفر چيو ته شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب مان درخواست آئي آهي،

هن چيو ته هن وقت نواز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جڏهن اڳوڻو وزيراعظم واپس ايندو ته انهي معاملي کي به ڏسنداسين.

هن چيو ته انهيءَ معاملي تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اسان ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

علي ظفر چيو ته نيب مريم نواز جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو آهي، سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

علي ظفر خان چيو ته گورنرن جي حوالي سان به شڪايتون ملي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو شخص تڪراري آهي ته کيس هٽائڻ گهرجي. …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*