پير پاڳاري جي سربراهيءَ ۾ جي ڊي اي وفد ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ملاقات دوران چونڊ اتحاد قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

پير پاڳاري جي سربراهيءَ ۾ جي ڊي اي وفد ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ملاقات دوران چونڊ اتحاد قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۾ بدلين ۽ مقررين باوجود گذريل حڪومتي دور ۾ رهندڙ آفيسرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ شفاف چونڊن جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا، پرويز الاهي چيو آهي ته، چونڊ طريقيڪار تي اعتراض باوجود بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پير پاڳاري جي سربراهيءَ ۾ جي ڊي اي جي وفد ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات دوران جي ڊي اي وفد ۾ پير پاڳارو  صدرالدين شاهه، غوث علي شاهه، محمد علي دراني ۽ چوڌري ڀائرن شرڪت ڪئي، جنهن دوران سياسي صورتحال ۽ چونڊ اتحاد تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ خراب صورتحال آهي، ڪڻڪ ڪمند جو اگهه نه پيو ملي ۽ بار داڻو غائب آهي، جڏهن ته زراعت به تباهه  ٿي وئي جي ڊي آءِ کي موٽ ملي رهي آهي،

پير پاڳاري چيو ته چوڌري صاحب جي مهرباني جنهن اسان کي اسلام آباد گهرايو، چونڊن لاءِ اسين تيار آهيون، 2013

هن چيو ته   جيان چونڊ ڪرائي وئي ته ملڪ کي نقصان رسندو، گذريل اليڪشن ۾ چيو هئم ته پ پ ٽن صوبن مان آئوٽ هوندي،

پير پاڳاري چيو ته اسان چونڊن جي رزلٽ خلاف عدالت ۾ وياسين پر فيصلا نه آيا، اليڪشن ڪميشن تي ڀروسو ناهي، پنجاب جيان سنڌ ۾ به آفيسر ساڳيا آهن،

هن چيو ته پ پ کي 15 .17 هارايل سيٽون ڏنيون ويون، موجوده نگران مان صاف چونڊن جي اميد گهٽ آهي ،

پيرپاڳاري چيو ته چونڊ گرمي ۾ ٿئي يا سردي ۾ تيار آهيون، پنجاب ۽ ڪي پي جا آفيسر سنڌ ۾ مقرر ٿين گهرجن ،

پرويز الاهي چيو ته هن ڀيري چونڊن ۾ بائيڪاٽ نه ڪنداسين، اسان جو اڳ ۾ ئي چونڊ اتحاد قائم ٿيل آهي. پنجاب جي صورتحال سنڌ کان مختلف ناهي،

هن چيو ته شريفن پنهنجا ماڻهو اهم پوسٽن تي مقرر ڪيا آهن ، فوج کي خبر ئي نه پوندي ته بيلٽ پيپر ڪئين ٻاهران پيا اچن، خدا جي واسطي شفاف چونڊون پوءِ ڪئين ڪرائندئو،

پرويز الاهي چيو ته ڇا هن ڀيري به پٽيشنون داخل ڪندا رهنداسين، اسين شهادتون کڻي ويا هئاسين پر ڪنهن به اسان جي ڳالهه نه ٻڌي .

غوث علي شاهه چيو ته آزاد  ماڻهو مقرر نه ٿيندا چونڊون شفاف نه ٿينديون، ساڳيا ماڻهو پ پ حڪومت جا وفادار رهيا آھن.

هن چيو ته چونڊون شفاف نه ٿيون ته ڪو فائدو ناهي، ڊمانڊ آهي ته بيوروڪريسي ۾ تبديلي ڪئي وڃي،

غوث علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي تجويزن جو جائزو نه ورتو، ٽي لک فوجي مقرر ڪرڻ سٺو عمل آهي پر انفيئر شيون لڪ ڇپ ۾ ڪيون ٿيون وڃن،

غوث علي شاهه چيو ته  فئير چونڊون ملڪ جي بقا جو ضامن آهن، صوبن جي بيوروڪريسي ٻين صوبن ۾ موڪلي وڃي،

غوث علي شاهه چيو ته شفاف چونڊن جون خواهش مند ڌريون ان جو تڪڙو نوٽيس وٺن.

چوڌري شجاعت چيو ته 2013 کان 18  جي چونڊن ۾ سڀ ڪجهه ساڳيو پيو ٿئي ، اليڪشن ڪميشن ۽ بيورو ڪريسي ساڳي آهي،

چوڌري شجاعت چيو ته اڄ تائين ٽريبنوئل جا فيصلا نه آيا آهن ، ڪا بهتري نه ٿي آهي، اهي چونڊ ڪهڙي فائدي جي ، ان سان رڳو ڏڦير پکڙجندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*