سنڌ پوليس ۾ 2012ع کان 2015ع  تائين جعلي ڀرتين بابت ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 70 پوليس عملدارن ۽ ملازمن کي ذميوار قرار  ڏئي ڇڏيو

سنڌ پوليس ۾ 2012ع کان 2015ع  تائين جعلي ڀرتين بابت ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 70 پوليس عملدارن ۽ ملازمن کي ذميوار قرار  ڏئي ڇڏيو.

جاچ ڪميٽي پاران چيف سيڪيريٽري ۽ نيب کي موڪليل رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2012 کان 2015 تائين سنڌ پوليس ۾ 4 هزار 748  اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا، جن ۾ پوليس ڪانسٽيبل، جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻيا ملازم شامل آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته جعلي ڀرتين ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت 70 پوليس عملدار ۽ ملازم شامل آهن، جن ۾ان وقت جي چئن ڊي آءِ جيز ۽ 25 ايس ايس پيز  ي شامل ڪيو ويو آهي.

جاچ ڪميٽي رپورٽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ نيب ۽ چيف سيڪريٽري کي موڪلي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*