ڀارت هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ انڊين ٽيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڀارتي ٽيم روهت شرما جي شاندار 137رنز جي اننگ سبب مقرره 50 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 302رنز اسڪور ڪيون.

روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ جي ستين سنچري اسڪور ڪئي ۽ هو137رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته سريش رائنا 65، شيکر ڌون 30، جڏهن ته رويندره جديجه 23رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو.

بنگلاديش جي ٽيم پاران تسڪين احمد 3، جڏهن ته مشرفي مرتصيٰ، ربيل حسين ۽شڪيب الحسن هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي ٽيم ڀارتي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري  ٽيم

بنگلاديش جي ٽيم پاران سميا سرڪار 29، تميم اقبال 25، محمود الله 21 شڪيب الحسن 10۽ مشيفق الرحيم27، ناصر حسين35 رنز ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*