عام چونڊن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪئپٽن صفدر 4 ڪروڙ 14 لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، آهن

عام چونڊن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪئپٽن صفدر 4 ڪروڙ 14 لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، آهن.

اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب، ڪئپٽن صفدر جي راجن پور ۾ 2922 ڪينال ايراضي ۽ مانسهره ۾ 172 ڪينال ايراضي جو مالڪ آهي، جڏهن ته مانسهره ئي ۾ سندس پٽ جنيد جي نالي تي 16 ڪينال جي ملڪيت آهي.

ظاهر ڪيل اثاثن موجب، ڪئپٽن صفدر اسلام آباد ۾ قسطن تي هڪ پلاٽ ورتو آهي ۽ هڪ تعمير ٿيندڙ فلور ملز ۾ 34 لک رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.

واضح رهي ته ڪپٽن صفدر وٽ 4 لک رپين جا بانڊز به آهن، جڏهن ته ڪئپٽن صفدر جي مجموعي ماليت 4 ڪروڙ 14 لک رپيا آهن.

واضح رهي ته مريم نواز ، ڪپٽن صفدرکي پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪفالت هيٺ ظاهر ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*