نگران وزيراعظم بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر عابد وحيد شيخ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي

نگران وزيراعظم بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر عابد وحيد شيخ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، اجلاس ۾ سوڊان سان معاهدن جي منظوري به ڏني وئي.

نگران وزيراعظم  جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،

اجلاس ۾ بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر بيريسٽر عابد وحيد شيخ جي استعيفيٰ  منظور ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيبننٽ ڊويزن جي سيڪريٽي کي اضافي چارج ڏني وئي آهي.

اجلاس ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي بانڊس بابت 2018 جي رولز جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ سوڊان حڪومت سان مختلف معاهدن جي منظوري به ڏني وئي، جڏهن عام چونڊن بابت به غورويچار ڪيوويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*