سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اطلاعات کاتي جي اڳوڻي آفيسر انعام اڪبر کي پيرول تي آزاد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ  لاءِ مقرر ڪيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اطلاعات کاتي جي اڳوڻي آفيسر انعام اڪبر کي پيرول تي آزاد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ  لاءِ مقرر ڪيو آهي.

 عدالت آبزرويشن ۾ چيو ته لڳي ٿو ته  بااثر  شخصيتن کي غيرضروري سهولتن جي فراهمي ۾ جناح اسپتال جي انتظاميه ۽ گهرو کاتو مليل آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ثناءَ الله عباسي کي اصل حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ سڀئي اختيار حاصل هوندا، ثناءَ الله عباسي معاملي جي جاچ ڪرڻ بعد ذميوارن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي لاءِ سفارش ڪندو.

عدالت معاملي جي هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 22 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

اطلاعات کاتي جو اڳوڻو آفيسر انعام اڪبر 5 ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهي، ڪجهه ينهن اڳ کيس ڌي جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويو هو، جنهن جو عدالت نوٽيس ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*