سکر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پاليسين خلاف ڪميشن جي تياري ڪندڙ نوجوانن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو

سکر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پاليسين خلاف ڪميشن جي تياري ڪندڙ نوجوانن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو.

نوجوانن پريس ڪلب آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي سکر ۽ آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٽيسٽ جي تياري ڪندڙ نوجوانن اشفاق سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٽيسٽ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو هو،  جنهن ۾ مائنس مارڪس فارمولو شامل نه هو.

هنن چيو ته  ضابطن ۽ قائدن جي خلاف ورزي ڪندي ايس پي ايس سي جي عملدارن بغير اشتهار ڏيڻ جي مائنس مارڪس فارمولو متعارف ڪرائيندي ويب سائيٽ تي ڏئي ڇڏيوآهي.

هنن وڌيڪ چيو ته  اِن کان علاوه ٽيسٽ جون تاريخون به الڳ الڳ رکيون ويون آهن، جنهن سان ڪيترا ئي مونجهارا ۽ خدشا پيدا ٿي ويا آهن.

 هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته ايس پي ايس سي قابل شاگردن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ پنهنجا نوازي، رشوت ۽ من پسند اميدوارن کي اڳيان آڻڻ لاءِ مائنس مارڪس فارمولو متعارف ڪرايو آهي ۽ ٽيسٽ جون تاريخون به الڳ الڳ رکيون آهن.

 هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقن نثار ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اِن معامري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين کي پابند بڻايو وڃي، ته هو ڪميشن ٽيسٽ جي هڪ ئي تاريخ تي مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ مائنس مارڪس وارو فارمولو ختم ڪري نوجوانن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ۽ ڪاوڙ واري لهر ختم ڪئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*