دادو ڀرسان لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڇهن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي
دادو ڀرسان لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڇهن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايو ڪري رهيا آهيون.
ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ڳوٺ ٻوڪ ۾ هٿيار بندن عدالتي پيشي تان واپس گهر ويندڙن جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
واقعي دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ۽ هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتي ٽن ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ محمد مٺل لاشاري، ارباب لاشاري، هدايت علي لاشاري، بادل لاشاري، معشوق لاشاري ۽ شاهد لاشاري شامل جڏهن ته زخمي جو نالو محمد اعظم برهماڻي ٻڌايو پيو وڃي.
پوسٽ مارٽم بعد فوتين جا لاش ڳوٺ وڏيون مَنهيون پهچايا ويا، هڪ ئي وقت 6 لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ايس ايس پي تنوير تنيو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي چيو ته واقعو لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.
ايس ايس پي دادو جو چوڻ هو ته مري برادري جي هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ 15 ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ٽيم رواني ڪئي وئي آهي………………