اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن موجب وٽس 21 ڪروڙ 39 لک رپين کان وڌيڪ جي ملڪيت آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن .

اليڪشن ڪميشن موجب اڳوڻي وڏي وزير وٽ 21 ڪروڙ 39 لک 18  هزار 499 رپين جا   اثاثا موجود آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب مراد علي شاهه جو ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جو بنگلو آهي، جڏهن ته 51 ايڪڙ ايراضي زمين به ظاهر ڪئي وئي آهي.

دستاويز موجب سيد مراد علي شاهه 10 تولا سون ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي ٻن گاڏين جو به مالڪ آهي.

جاري ڪيل دستاويزن مطابق اڳوڻي وڏي وزير وٽ 2 لک 64 هزار 368 ڊالرز جو بينڪ بيلنس پڻ موجود آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*