گڏاڻي سمنڊ ڪناري وهنجندي ٻڏي ويل 2 ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا، جنهن بعد واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي

 گڏاڻي سمنڊ ڪناري وهنجندي ٻڏي ويل 2 ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا، جنهن بعد واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.

              ساحل تي ٻڏي ويلن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن اونداهه ٿي وڃڻ تي رات جو روڪيو ويو هو، صبح جو ٻيهر ريسڪيو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ٻارن جا لاش هٿ آيا،  جن جي سڃاڻپ  10 ورهين جي سفيان ۽ 8 ورهين جي امان جي نالي سان ٿي آهي، فوتي ٻئي ٻار پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن.

            فوتين جي لاشن کي گڏاڻي اسپتال مان ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

            واضح رهي ته گذريل ڏينهن سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ئي خاندان جا 17 ڄڻا ٻڏي ويا هئا.

                حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو آپريشن ڪري 11 ڄڻن کي فوري پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته 4 عورتن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا.

         ريسڪيو ذريعن موجب ٻڏي ويل ماڻهو لياري جي ڪڇي پاڙي واري علائقي جا  رهواسي هئا جيڪي پڪنڪ ملهائڻ ويا هئا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*