لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڏينهن جي دوري تي آيل چيف جسٽس ثاقب نثار ٽنهي اسپتالن جو دورو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڏينهن جي دوري تي آيل چيف جسٽس ثاقب نثار ٽنهي اسپتالن جو دورو ڪيو، جتي صفائي نه هئڻ ، مختلف شعبا بند هئڻ ۽ دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايم ايس کي ڇنڊ پٽي،چيف جو چوڻ هو ته پريضن کي دوائون به نٿيون ملن خبر ناهي بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، ڀٽي جي شهر جي اسپتالن ۾ اهڙي حالت آهي ته باقي شهرن جي اسپتالن جو ڪهڙو حال هوندو، چيف جسٽس سيشن ڪورٽ جي دوري دوران جوڊيشل لاڪپ جي قيدين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

چيف جسٽس ثاقب نثار ٽيچنگ اسپتال جي ليبارٽري ۽ ايڪسري پلانٽ جو دورو ڪيو، جتي ايڪسري پلانٽ بند هئڻ ۽ ليبارٽري جي حالت خراب هئڻ تي چيف جسٽس ايم ايس کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي جو ليبارٽري جي اهڙي صورتحال آهي.

 يورولاجي وارڊ سامهون گند پيل ڏسي چيف جسٽس اسپتال انتظاميا کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ چيو ته ڀٽو جي ضلعي ۾اسپتال جي اهڙي حالت آهي ته ٻين شهرن جي اسپتالن جي حالت ڪهڙي هوندي.

 چيف جسٽس شيخ زيد وومين اسپتال ۽ چلڊرين اسپتال جو به دورو ڪيو ۽ ٻنهي اسپتالن  جي او پي ڊيز  جو معائنو ڪيو، جتي صفائي جي ناقص انتظام ۽ دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي اسپتالن جي انتظاميا کي سخت ڇنڊ پٽي.

ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته اسپتال ۾ صفائي به نٿا ڪرائي سگهو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، اسپتال جو انتظام ڪير بهتر ڪندو.

جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي جو دورو ڪري جڊيشل لاڪپ جي قيدين کان مسئلا معلوم ڪيا۽ قيدين کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي.

جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار لاڙڪاڻي پوليس هيڊڪوارٽر جو به دورو ڪيو، چيف جسٽس جي دوري جي موقعي تي  لاڙڪاڻي ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*