ڪوھستان واسي 20 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪندي سندس جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آهن

ڪوھستان واسي 20 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪندي سندس جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آهن.

ڪوهستان جي ڳوٺ ڪرچات ۾ ڳوٺاڻي حيات ڪانڙو جي 20 مھينن  جي نياڻي ڪونج جي هڪ ٻانهن ۽ هڪ ڄنگهه ڦري وڃڻ سبب کيس پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو.

اطلاع تي صحت کاتي ۽ عالمي صحت کاتي جي ٽيم ڳوٺ ۾ پھچي ٻارڙي جا جزا وٺي تصديق لاءِ ڪراچي موڪلي ڇڏيا.

ٿاڻو بولا خان تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ويرسي مل موجب ٽيسٽ جا نتيجا ملڻ کانپوءِ ئي ٻارڙي کي ڪنهن مرض جي تصديق يا ترديد ڪري سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*