شام ۾ جاري ويڙهه پنجين سال ۾ داخل ٿي وئي

شام ۾ جاري ويڙهه پنجين سال ۾ داخل ٿي وئي آهي، سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته شام بابت امريڪي پاليسي ناڪام ٿيڻ بعد ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت  آهي.

شام ۾ چئن سالن جي گهرو ويڙهه دوران لکين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن پر مسئلي جو ڪو حل نڪرندو نظر نٿو اچي.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته امريڪا جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهنڪري ئي صدر بشار الاسد سان ڳالهين وارا بيان سامهون اچي رهيا آهن.

دبئي ۾ وچ اوڀر جي معاملن جي ماهر المغيزي البدروي جو چوڻ هو ته گذريل 5 سالن کان امريڪا جي شام جي حوالي سان پاليسي ناڪام ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته شام جا پنهنجا مسئلا آهن.

هن چيو ته امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پاران شامي ڌرين جي ڳالهين بابت جيڪو بيان ڏنو ويو آهي، ان کي ايران جي ايٽمي معاهدي بابت ڳالهين جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي.

2011ع ۾ تيونس مان شروع ٿيل انقلاب جو سلسلو وچ اوڀر جي ملڪن تائين پهتو هو، جنهن دوران لبيا ۽ مصر ۾ به ڪرنل قذافي ۽ حسني مبارڪ جي ڏهاڪن کان جاري اقتدار جو خاتمو ٿيو، جنهن کي بهارِ عرب سان به سڏيو وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ اولهه جي ملڪن پاران بهار عرب جي آجيان ڪئي پئي وئي پر تجزيه نگارن جو چوڻ هو ته حڪومتن جي خاتمي پٺيان امريڪا جو هٿ رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*