لاڙڪاڻي جي دوري دوران چيف جسٽس ثاقب نثار آڏو گم ڪيل نوجوان عاقب جتوئي جي وارثن ، پ پ ڪارڪنن ۽ مختلف کاتن جي ملازمن طرفان  مطالبن جي مڃتالاءِ احتجاج ڪيو ويو

لاڙڪاڻي جي دوري دوران چيف جسٽس ثاقب نثار آڏو گم ڪيل نوجوان عاقب جتوئي جي وارثن ، پ پ ڪارڪنن ۽ مختلف کاتن جي ملازمن طرفان  مطالبن جي مڃتالاءِ احتجاج ڪيو ويو.

 پ پ طرفان ضلعي صدرعبدالفتاح ڀٽو، نورالدين ابڙو، شڪيل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾چيف جسٽس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ پ ڪارڪنن  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس بابت داخل ريفرنس جي فوري ٻڌڻي جو مطالبو ڪيو.

 جڏهن ته گم ڪيل نوجوان عاقب جتوئي جي وارثن به هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪيو،  چيف جسٽس احتجاج ڪندڙن کي انصاف جي خاطرائي ڪرائي ۽ وارثن کان موبائل نمبر ورتو.

چيف جسٽس سان بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي استادن ملاقات ڪري يونيورسٽي جي مسئلن بابت فائل پيش ڪيو، چيف جسٽس فائل سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار حوالي ڪري ڇڏيو ۽ يونيورسٽي جي  مسئلن تي نوٽيس وٺڻ جي خاطري ڪرائي.

هوڏانهن ايڪسائيز کاتي ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن نوڪري جا آرڊر نه ملڻ خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*