دادو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 6 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀان سيد آباد ۾ لاشاري برادري پاران ڌرڻو هنيو ويو آهي

دادو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 6 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀان سيد آباد ۾ لاشاري برادري پاران ڌرڻو هنيو ويو آهي.

دادو ڀرسان قتل ٿيل ڇهن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو واقعي خلاف ڀان سيد آباد ۾ لاشاري برادري جي ماڻهن پاران ڏنڊا بردار ٿي انڊس ھاءِ وي تي خدا آباد پوليس ٿاڻي سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهي ويون آهن.

ايس ايس پي دادو تنوير تنيو موجب واقعو ڌرين وچ ۾ پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو، جوابدار ڌر جا ماڻهو واقعي کانپوءِ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جلد گرفتاريون عمل ۾ آنديون وينديون.

گذريل ڏينهن دادو ڀرسان هٿياربندن عدالت ۾ پيشي بعد واپس ويندڙن جي ڪار تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا هئا ۽ ٽن ڄڻن اسپتال ۾ دم ڏنو هو.

مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ وڏيون مَنهيون پهچايا ويا جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*