پنجاب جي تڪ پي پي 173 تي مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل ڪرايل اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪئي وئي آهي

پنجاب جي تڪ پي پي 173 تي مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل ڪرايل اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته راولپنڊي جي تڪ اين اي 57 تي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل ڪرايل اپيل تي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل پنجاب جي تڪ پي پي 173 تي مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل ڪرايل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اپيل  ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته مريم نواز خلاف نيب ۾ ريفرنس هلي رهيا آهن، جتي هو پيش ٿي رهي آهي، جنهن خلاف فيصلو به اچڻ وارو آهي.

اپيل ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو هو ته مريم جواز نيب ريفرنس ۾ جوابدار  آهي، جنهن ڪري سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪري کيس چونڊ وڙهڻ کان روڪيو وڃي.

اپيلٽ ٽربيونل نواز شريف نياڻي مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل ڪرايل اپيل ٻڌڻ جوڳي نه هئڻ  ڪري رد ڪري  ڇڏي آهي.

هوڏانهن اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا اين اي 57 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران وڪيل ڪجهه ڏينهن جي مهلت طلب ڪري روتي آهي.

شاهد خاقان عباسي جي وڪيل پاران تياري لاءِ ڪجهه ڏينهن جو وقت طلب ڪيو ويو، جنهن تي اپيلٽ ٽربيونل ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*