لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل ميانوالي جي تڪ اين اي 95 تي عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل  اپيل تي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل ميانوالي جي تڪ اين اي 95 تي عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل  اپيل تي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عمران خان پاران داخل ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اين اي 95 ميانوالي تي عمران خان جا نامزدگي  حقيقتن تي جي ابتڙ رد ڪيا ويا آهن.

اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته  رٽرننگ آفيسر حلفي بيان جمع نه ڪرائڻ جو جواز ڄاڻايو ۽ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ جو الزام لڳائي ڪاغذ رد ڪيا آهن.

اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي ته رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي عمران خان کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، جهن بعد ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪئي وئي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*