گولاڙچي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي آئل ڪمپني جي ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو

گولاڙچي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي آئل ڪمپني جي ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڪڙيو گهنور ۾ آئل ڪمپني ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ طاهر جٽ موٽرسائيڪل تي واپس گهر وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل ٻن هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پجهچي لاش تحويل ۾ وٺي گولاڙچي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارث حوالي ڪيو ويو.

مقتول جي وارثن موجب سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، سندن ماڻهو کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن پاران ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو، جوابدار نامزد ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*