دهشتگردي ٽوڙ عدالت زهره شاهد قتل ڪيس جي جوابدار ڪليم کي هڪ هفتي جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت زهره شاهد قتل ڪيس جي جوابدار ڪليم کي هڪ هفتي جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ زهره شاهد قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڪليم کي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سليم رضا بلوچ آڏو پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدار کي هڪ هفتي جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي سندس طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

جوابدار ڪليم کي گذريل ڏينهن رينجرز پاران تين تلوار واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*