
آمريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته ايندڙ 2 سال شدت پسندي ۽ ايبولا جي خاتمي جا هوندا
آمريڪي صدر براڪ اوباما مڊٽرم چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي ري پبلڪن پارٽيءَ کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ري پبلڪن پارٽيءَ کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، ايندڙ 2 سال شدت پسندي ۽ ايبولا وائرس جي خاتمي جا هوندا.
امريڪا ۾ ٿيل مڊٽرم چونڊن تي ڳالهائيندي صدر براڪ اوباما ري پبلڪن پارٽيءَ کي مبارڪون ڏنيون ۽ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اوباما چيو ته هـُو پنهنجي پاليسين جو تسلسل چاهي ٿو، تنهن هوندي به ريپبلڪن پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سندن ايجنڊا معلوم ڪندو.
صدر براڪ اوباما چيو ته ريپبلڪن پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي، هاڻي مٿن ذميواري آهي ته وڌيڪ سنجيدگي سان آمريڪا جي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
هن چيو ته ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي ۽ هـُو مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ چاهي ٿو.
براڪ اوباما چيو ته شدت پسندي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ فنڊز گهربل آهن ۽ ايندڙ ٻن سالن ۾ داعش ۽ ايبولا وائرس جو خاتمو آندو ويندو.
Related posts:
- آمريڪي صدر براڪ اوباما جاپاني شهر هيروشيما پهچي آمريڪي ايٽمي حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي يادگار تي گل رکيا
- آمريڪي صدر براڪ اوباما دهشتگرد حملي کي ملڪي تاريخ جو بدترين ۽ نفرت تي ٻڌل واقعو قرار
- هيلري ڪلنٽن آمريڪي صدر براڪ اوباما کانپوءِ ڊيموڪريٽ پارٽي جي سينيٽرز جي اڪثريت به حمايت ڪري ڇڏي
- امريڪي صدر براڪ اوباما اميدن جي ابتڙ ايران خلاف پابندين جو مدو وڌائڻ واري ڪانگريس جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪيون