
0
0
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ٺهندڙ انڊر پاس آڏو شِو مندر کي بچائڻ بابت درخواست تي ڪي ايم سي ۽ بحريه ٽائون کان 11 نومبر تائين رپورٽ گهري ورتي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ شِو مندر ڪلفٽن کي بحريه ٽائون پاران ٺهندڙ انڊر پاس جي نقصان کان بچائڻ بابت مڪيش چاولا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ڪي ايم سي ۽ بحريه ٽائون جي وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مندر جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن.
بحريه ٽائون جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اڏاوتي ڪم لاءِ مشينري پرڏيهه مان گهرائي پئي وڃي، جنهن سان اڏاوتي ڪم دوران مندر کي نقصان نه پهچندو.
عدالت مندر جي تحفظ جو حڪم ڏيندي ڌرين کان 11 نومبر تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتا.
Related posts:
- سنڌ هاءِ ڪورٽ لائينز ايريا پروجيڪٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 7جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کان 10 نومبر تائين سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو
- بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض ٻن ريٽائرڊ ڪرنلز ۽ هڪ ڊاڪٽر تي بليڪ ميلنگ جو الزام لڳائيندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي
- سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن بجلي گهرن جي اڏاوت 20 نومبر تائين روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
- سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان 28 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي