
0
0
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن بجلي گهرن جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران پاڪستان ايٽامڪ ڪميشن لکت ۾ جواب جمح ڪرائي ڇڏيو، عدالت بجلي وارو منصوبو 20 نومبر تائين روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ايٽمي بجلي گهرن جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ايٽامڪ ڪميشن پاران لکت ۾ جواب جمح ڪرايو ويو.
ٻڌڻي دوران پاڪستان ايٽامڪ ڪميشن جي وڪيل انور منصور موقف اختيار ڪيو ته ايٽمي بجلي گهرن جي اڏاوت وارو منصوبو انتهائي خطرناڪ آهي، جنهن سان انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.
هن چيو ته ان کان اڳ ايٽمي بجلي گهرن جي اڏاوت وارو تجربو ڪٿي به ناهي ڪيو ويو، چين پوري دنيا ڇڏي پاڪستان ۾ اهڙو تجربو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو خطرناڪ آهي.
عدالت لکت وارو موقف ٻڌڻ بعد منصوبي بابت 20 نومبر تائين اسٽي آرڊر ۾ توسيع ڪري ڇڏي.
Related posts:
- سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري کان 17 نومبر تي جواب طلب
- سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون کان 11 نومبر تائين رپورٽ گهري ورتي
- سنڌ هاءِ ڪورٽ نظير حسين يونيورسٽي جي زمين بابت درخواست تي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 30 نومبر واري جلسي کي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي