
هالي ووڊ جي ناليواري اداڪار سلوسٽر اسٽالون چيو ته آهي ته ميني پڪائو خلاف رٿيل باڪسنگ مقابلي ۾ هو ڪرس الگيري کي سپورٽ ڪندو.
آمريڪي رياست ڪيلفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ نالي واري اداڪار سلوسٽر اسٽالون ڪرس الگيري جي پريس ڪانفرنس ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي.
ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي سلويسٽر اسٽالون چيو ته هو اهم مقابلي ۾ ميني پڪائو جي ڀيٽ ۾ ڪرس الگيري کي سپورٽ ڪندو، جڏهن ته ان موقعي تي ڪرس الگيري پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن ننڍ پڻ ۾ روڪي فلم ڏٺي، جنهن بعد کيس باڪسنگ جو شوق ٿيو.
هن چيو ته ميني پڪائو باڪسنگ جو وڏو نالو آهي ۽ کيس شڪست ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيو آهي
Related posts:
- ايندڙ سال پاڪستان ۾ باڪسنگ اڪيڊمي قائم ٿيندي;برطانوي باسڪر عامر خان
- ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ باڪسنگ رِنگ ۾ واپسي ڪندڙ امريڪي باڪسر وِني پيزينزا جي زندگي تي ٻڌل فلم “بليڊ فار دِس” جو هالي ووڊ ۾ پريميئر ٿيو، جنهن ۾ اسٽارز شرڪت
- ڪجهه عرصي ۾ سڄي دنيا انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر ڪندي، ماروي ميمڻ
- هالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار ايڊم سينڊلر کي سال 2014 جو ناڪام ترين اداڪار قرار ڏنو ويو