
آمريڪا پاران داعش خلاف ويڙه لاءِ وڌيڪ 15 سو فوجي موڪلڻ جو اعلان
0
0
عراق ۽ شام ۾ سرگرم شدت پسند تنظيم داعش خلاف ويڙهه لاءِ آمريڪا پاران وڌيڪ 15 سو فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،آمريڪي بچاءُ واري وزارت پينٽاگون جو چوڻ آهي ته اهي فوجي عراقي فورسز کي تربيت ڏيندا ۽ انهن جي معاونت ڪندا.
آمريڪي بچاءُ واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر براڪ اوباما عراقي حڪومت جي درخواست تي عراق ۾ وڌيڪ فورسز موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پينٽاگون پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته امريڪي فوجي عراق ۾ ڪجهه سينٽر قائم ڪندا جتي عراقي فوج جي 9 ۽ ڪرد پيشمرگا جي 3 برگيڊس کي تربيت ڏني ويندي.
وائٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف آپريشن لاءِ ڪانگريس کان 5 ڏهائي 6 ارب آمريڪي ڊالر وٺندو.
Related posts:
- شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف ڪارروائين جي منظوري لاءِ بل آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو
- سعودي عرب پاران داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي لاءِ 34 ملڪن تي ٻڌل اسلامڪ فوجي اتحاد جوڙڻ جو اعلان
- شام ۾ اتحادي فوج جي هوائي حملن کانپوءِ عراق ۾ ايران پاران داعش خلاف هوائي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي
- عراقي وزيراعظم حيدرالعبادي داعش خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي