
ڪعبت الله شريف کي اڄ غسل ڏنو ويو
0
0
ڪعبت الله شريف کي مُشڪ، عنبر ۽ اعليٰ قسم جي خوشبوئن ۽ آب زم زم جهڙي پاڪ پاني سان غسل ڏيڻ جي سالياني تقريب ٿي، جنهن ۾ مڪي جي گورنر سميت خادمين حرمين شريفين ۽ ٻين ملڪن جي سفارتڪارن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪري سعادت حاصل ڪئي.
ڪعبت الله کي غسل ڏيڻ واري تقريب ۾ خادمين حرمين شريفين جي عيوضي شيخ عبدالرحمان السديس، شاهي خاندان جي ماڻهن ۽ مختلف مسلمان ملڪن جي سفارتڪارن حصو ورتو.
مڪي جي گورنر ڪعبت الله جي اندرين ڀتين کي گلاب جي پاڻي سان پـُسيل ۽ مختلف خوشبون لڳايل اڇي ڪپڙي سان غسل ڏنو، جڏهن ته فرش تي آب زم زم ۽ گلاب جو پاڻي هاري صاف ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪعبت الله شريف کي سال ۾ 2 ڀيرا پهريون ڀيرو 15 محرم الحرام ۽ بعد ۾ پهرين شعبان تي غسل ڏنو ويندو آهي.
Related posts:
- ڪعبت الله شريف جي غلاف تبديل ڪرڻ واري روح کي راحت بخشيندڙ تقريب جاري آهي
- مڪه مڪرمه ۾ ڪعبه شريف جي غلاف جي تبديليءَ واري روح پرور تقريب ٿي جنهن ۾ 2 ڪروڙ 25 لک ريالن جي لاڳت وارو نئون غلاف چاڙهيو ويو
- ڪعبي جي امام شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو به واسطو نه آهي
- پنجاب ڪابينا ۾ واڌ کانپوءِ راڻا ثناءُ الله ۽ ڊاڪٽر عائشه غوث صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي