Home بين الاقوامي ڏکڻ ڪوريا جي عدالت ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ 2 ڄڻن کي قيد جي سزا ڏئي ڇڏي
ڏکڻ ڪوريا جي عدالت ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ 2 ڄڻن کي قيد جي سزا ڏئي ڇڏي
0

ڏکڻ ڪوريا جي عدالت ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ 2 ڄڻن کي قيد جي سزا ڏئي ڇڏي

0
0

  ڏکڻ ڪوريا جي عدالت ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ ٻيڙي جي ڪيپٽن کي 36 سال ۽ انجينيئر کي 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، واقعي ۾ 304 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جن ۾ 250 اسڪولي شاگرد شامل هئا.

ڏکڻ ڪوريا ۾ 16 اپريل تي ٻيڙي 476 مسافر کڻي ٻيٽ جيجُو طرف وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو هو جنهن کانپوءِ گم ٿيل مسافرن جي وارثن پاران عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

عدالت ۾ گذريل 6 مهينن کان ڪيس هلندڙ هو جنهنجو اڄ فيصلو آيو آهي جنهن ۾ ٻيڙي جي ڪيپٽن کي 36 سال قيد ۽ انجنيئر کي 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

مسافر ٻيڙي ۾ 476 مسافر سوار هئا جن مان 172 مسافرن کي بچايو ويو  باقي 304 مسافر اجل جو شڪار ٿيا جنهن ۾ 250 اسڪولي شاگرد هئا.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *