
آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪ فوج جي سربراهه دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ ڪاميابين تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ جاري پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي صدارت آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، افغانستان جي هاڻوڪي دوري بابت ڪور ڪمانڊرز کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف، اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ايجنسي ۾ آپريشن خيبر ون ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز کي ڪاميابين تي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ قومي سلامتي جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
ڪانفرنس ۾ ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي به غور ڪيو پيو وڃي.
Related posts:
- قوم ۽ فوج جي مدد سان دهشتگردي جي پاڙ پٽي ويندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف
- آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جاري
- آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جاري
- آرمي چيف جنرل راحيل شريف عيد وزيرستان ۾ فوجي جوانن سان گڏ ملهائي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب سان ملڪ ۾ امن بحال ٿيو آهي