Home سنڌ سڪرنڊ ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب 2 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا
سڪرنڊ ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب 2 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا
0

سڪرنڊ ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب 2 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا

0
0

سڪرنڊ ويجهو گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي، سندس زال ۽ 2 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاهه اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ حافظ محمد رمضان جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب رڌڻي ۾ موجود گهرڌڻي حافظ محمد رمضان، سندس زال شبانا، 7سالن جو پٽ عبدالرحمنٰ ۽ چئن ورهين جي نياڻي هير سڙي زخمي ٿي پيا.

زخمين کي سڪرنڊ جي تعلقي اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گهر ڌڻي رمضان مگسي موجب رات کان چلهه ۾ ٽانڊا پيل هئا، جنهن مان چڻنگ اُٿڻ ڪري گهر کي باهه وڪوڙي وئي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *