
0
0
ڪراچي جي پاپوش ننگر واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مختلف ڏوهن ۾ گهربل 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، اورنگي ٽائون جي گلشن ِضياءَ واري علائقي مان هڪ ڄڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پاپوش ننگر ۾ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀتي خوري ۽ ڦر سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل 2 جوابدرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پڪڙيل ڏوهارين جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي.
اورنگي ٽائون جي گلشن ِضياءَ واري علائقي مان هڪ ڄڻي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
Related posts:
- ڪراچي جَي منگهي پير واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڳجهن ادارن ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڳرا هٿيار هٿ ڪري ورتا
- ڪراچي پوليس گلشن اقبال ۽ اورنگي ٽائون وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
- رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا
- ڪراچي جي اورنگي واري علائقي ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي