Home قومي لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو
لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو
0

لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو

0
0

لاهور هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان هڪ هفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مسلم ليگ نون جي ايم اين اي راشده يعقوب 2013 جي عام چونڊن ۾ 45 لک خرچ ڪيو، جيڪو آئين جي خلاف آهي.

درخواستگذار موجب، عدالت، اليڪشن ڪميشن کي راشده يعقوب خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو پر هن وقت تائين عمل ناهي ڪيو ويو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان ايندڙ هفتي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *