Home سنڌ ڪراچي ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا
0

ڪراچي ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

0
0

ڪراچي ۾ ماڙيپور روڊ ۽ مائي ڪولاچي باءِ پاس تي رات کان مختلف  حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽  هڪ  ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ماءِ ڪولاچي باءِ پاس تي ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان اسلم فوت ٿي ويو، جڏهن ته موٽر سائيڪل تان ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو نوجوان فوت ٿي ويو.

ماڙيپور روڊ تي هڪٻئي حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، جن  کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرن جي لاپرواهي سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ڪري ڪيترائي شهري روز حياتيون وڃائي ويهن ٿا.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *