Home سنڌ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام لاءِ جان جو نذرانو ڏنو جهانگير بدر جون سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون
0

شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام لاءِ جان جو نذرانو ڏنو جهانگير بدر جون سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون

0
0

 پ پ جي جنرل سيڪريٽري جهانگير بدر چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام لاءِ جان جو نذرانو ڏنو ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي فيصلي تحت ورسي تقريب ۾ نه آيو آهي.

سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير بدر چيو ته پارٽي فيصلو ڪيو ته ورسي تقريب ۾ بلاول يا آصف زرداري مان هڪ شرڪت ڪندو.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري وچ ۾ اختلافن واريون ڳالهيون غلط آهن.

جهانگير بدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام لاءِ جان جي قرباني ڏني.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *