Home قومي پشاور ۽ چارسده جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري تحريڪ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 40 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
0

پشاور ۽ چارسده جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري تحريڪ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 40 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

0
0

پشاور، چارسده ۽ ڪرڪ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 40 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پشاور سانحي کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

چارسده ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر امان الله عرف عرفان خراساني کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي مردان محمد سعيد خان چيو آهي ته چارسده ۾ ڪارروائي دوران ٻن دهشتگردن وسيع الله عرف ابوبڪر ۽ روح الله کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي گرفتاري تي 50 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

ڊي آءِ جي موجب، گرفتار طالبان ڪمانڊر امان الله عرف عرفان خراساني جي نشاندهي تي ڏيڍ سئو ڪلو بارودي مواد ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

پشاور جي چمڪني واري علائقي ۾به پوليس ڪارروائي ڪري 40 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڪرڪ ۾ به پوليس جي ڪارروائي دوران 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *