سکر مان کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن مظفر جتوئي ۽ عاشق قمبراڻي جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جواحتجاجي مظاهرو
0
0
سکر مان گذريل ڏينهن کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن مظفر جتوئي ۽ عاشق قمبراڻي جي آزادي لاءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ڪارڪنن گداحسين، عيدن جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
مظاهرين چيو ته مظفر جتوئي ۽ عاشق قمبراڻي کي گذريل ڏينهن کنڀي گم ڪيو ويو، هيل تائين ٻنهي ڄڻن جو ڪوبه ڏس پتو ناهي مليو.
هنن چيو ته کين خدشو آهي ته ٻنهي ڄڻن کي تشدد يا وري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويندو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪارڪن عاشق قمبراڻي ۽ مظفر جتوئي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.
Related posts:
- سکر مان کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي ٻن ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو
- سکر مان کنڀي گم ڪيل اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ قاري عطاءُ الرحمان جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
- قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن محمد علي سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
- ٺل ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن ڌارين جي آبادڪاري ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو