Home قومي حڪومت ذڪي الرحمان جي نظربندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو
0

حڪومت ذڪي الرحمان جي نظربندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

0
0

وفاقي حڪومت، ممبئي حملا ڪيس جي مـُک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي گهرو وزارت پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي  وئي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هاءِ ڪورٽ کي نظربندي جو نوٽيفڪيشن ختم ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، عدالت کي استدعا آهي ته نظربندي جو نوٽيفڪيشن ختم ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي.

درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي ٻڌڻي تڪڙي بنيادن تي پڻ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته اسلام اباد هاءِ ڪورٽ، ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *