Home قومي ڀارتي فوج جي شڪر گڙهه سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون
0

ڀارتي فوج جي شڪر گڙهه سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون

0
0

ڀارتي فوج پاران ورڪنگ بائونڊري ۽ لائين آف ڪنٽرول تي اڳرائين جو سلسلو جاري آهي، شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي دشمنن بنا جواز فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون.

پنجاب رينجرز موجب، ڀارتي فوج شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪري ڏني، گذريل رات کان شروع ٿيل فائرنگ جو سلسلو صبح تائين جاري رهيو.

 پنجاب رينجرز موجب، ڀارتي اڳرائي جو اثرائتو جواب ڏنو ويو، جنهن بعد دشمنن جون بندوقون خاموش ٿي ويون.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج، شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي فليگ ميٽنگ لاءِ گهرائي پنجاب رينجرز تي فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا هئا، جنهن تي پاڪستان رد عمل ظاهر ڪيو هو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *