Home سنڌ سيوهڻ ڀرسان ٽرڪ ۽ ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت 18 زخمي ٿي پيا
سيوهڻ ڀرسان ٽرڪ ۽ ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت 18 زخمي ٿي پيا
0

سيوهڻ ڀرسان ٽرڪ ۽ ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت 18 زخمي ٿي پيا

0
0

سيوهڻ ڀرسان ٽرڪ ۽ ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڀرياسٽي ڀرسان ڄاڃين جي بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ٽلٽي وٽ پورهيتن جي گاهه سان ڀريل ٽرڪ خوشحال خان خٽڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ثابت علي سولنگي ۽ کبڙ سولنگي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن علاج جاري آهي.

پوليس موجب حادثو ڪهيڙي سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڀرياسٽي ويجهو ڪراچي کان رحيم يار خان ويندڙ ڄاڃين جي بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *