Home قومي آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات ڪري مختلف خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
0

آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات ڪري مختلف خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

0
0

برطانيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لنڊن پهتل آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سميت سياسي توڙي عسڪري اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف پرڏيهه مان ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۽ سندن مالي مدد روڪڻ وارو معاملو اٿاريو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهتو ته برطانوي چيف آف اسٽاف جنرل سَرنڪلس هوگٽن سندس آجيان ڪئي ۽ برطانوي فوج طرفان آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران برطانيا جي سلامتي بابت صلاحڪار به موجود هو.

ملاقات دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽا سٽا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي پاڪستان ۾ بندش پيل تنظيمن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات دوران مختلف ملڪن مان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۽ دهشتگردن جي پرڏيهي مالي مدد جي روڪٿام وارو معاملو اٿاريو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانيا جي گهرو سيڪريٽري مارڪ سَيڊول ۽ سيڪريٽري دفاع مائيڪل فالِن ۽ برطانيا جي سلامتي ۽ دهشتگردي ٽوڙي واري اداري جي ڊي جي چارلس فر  سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ملاقاتن دوران دهشتگردي خلاف جنگ، افغانستان جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن امان سميت مجموعي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *