0
0
اتروزيرستان جي شوال واري علائقي ۾ امريڪي جاسوس جهاز جي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا ، حملي کانپوءِ مختلف علائقن ۾ اڏمون جاري آهن.
سڪيورٽي ذڙيعن موجب، امريڪي جاسوس جهازن شاهي خيل واري علائقي ۾ هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا، جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، جاسوس جهازن ڄاڻايل علائقي مٿان اڌ ڪلاڪ تائين اڏامن بعد هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، جاسوس جهاز جي حملي کانپوءِ جاسوس جهاز جون علائقي ۾ اڏامون جاري آهن، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي.
ياد رهي ڪجهه ڏينهن اڳ شوال واري ئي علائقي ۾ هڪ گهر تي حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا هئا.
Related posts:
- اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ آمريڪي جاسوس جهاز جي حملي جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن
- اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا
- خيبر ايجنسي جي دتا خيل واري علائقي ۾ امريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا
- اتر وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا