Home سنڌ جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم وارا ئي ڪندا شرجيل انعام ميمڻ
0

جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم وارا ئي ڪندا شرجيل انعام ميمڻ

0
0

سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڄ به سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت جو حصو آهي، متحده ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جو مطالبو ڪري پئي پر جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان ڌيڪ دانهون به ايم ڪيو ايم وارا ئي ڪندا.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جڏهن به حڪومت ۾ هوندي آهي ته سڀ ٺيڪ هوندو آهي ۽ جڏهن حڪومت کان ڌار ٿيندي آهي تنقيد شروع ڪندي آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 25 سالن کان اقتدار ۾ رهي آهي، اڄ به متحده سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ٻارنهن سالن کان سنڌ جو گورنر متحده جو آهي ۽ اڪثر فيصلا گورنر جي مشاورت سان ٿين ٿا.

ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ واري متحده جي مطالبي بابت شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جو مطالبن ان لاءِ ڪري پئي ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته فوج نه ايندي، جيڪڏهن فوج اچي وئي ته سڀ کان وڌيڪ دانهون به متحده وارا ئي ڪندا.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪجهه عوام جا رد ڪيل اڳواڻ ڌانڌلي ذريعي اسيمبلي ۾ اچي ويا آهن ۽ اهڙن ميمبرز خلاف نيب سميت مختلف هنڌن تي ڪيس پڻ هلندڙ آهن.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *