Home قومي لاهور هاءِ ڪورٽ تيل بحران بابت درخواستن تي پيٽروليم وزارت ۽ پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو
لاهور هاءِ ڪورٽ تيل بحران بابت درخواستن تي پيٽروليم وزارت ۽ پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو
0

لاهور هاءِ ڪورٽ تيل بحران بابت درخواستن تي پيٽروليم وزارت ۽ پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو

0
0

لاهورهاءِ ڪورٽ ۾ تيل بحران بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران پيٽروليم وزارت ۽ پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام تيل لاءِ فقيرن لاءِ ڌڪا کائي رهي آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِعدالتون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي هلائي، جنهن دوران پيٽروليم ۽ پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو.

تيل بحران بابت داخل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تيل بحران جو ڪو ٻيو نه پر سرڪار پاڻ ذميورا آهي، ذميوران جو تعين ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه جي عدالت آڏو درخواستن جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته وفاقي سرڪار بحران تي ضابطي لاءِ ڪوششون ڪري پئي، جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، عوام تيل لاءِ فقيرن وانگي ڌڪا کائي رهي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ تيل بحران بابت داخل درخواست تي پيٽروليم وزارت ۽  پي ايس او کان سمورو رڪارڊ طلب ڪري ڪري ورتو آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *