Home سنڌ سنڌ سرڪار آبادگارن سان گڏ آهي شرجيل انعام ميمڻ
0

سنڌ سرڪار آبادگارن سان گڏ آهي شرجيل انعام ميمڻ

0
0

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪمند اگهه جي مقرري بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ آبادگارن ۽ چيمبر آف ڪامرس جو هڪ اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، سنڌ سرڪار اڳواٽ ئي ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن بابت اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

سنڌ اسميمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار آبادگان سان گڏ آهي، جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا، آبادگارن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا، سنڌ سرڪار آبادگارن سان گڏ آهي.

هن چيو ته ڪمند اگهه جي مقرري لاءِ وڏي وزير جي صدارت هيٺ آبادگارن ۽ چيمبر آف ڪامرس وچ ۾ اهم گڏجاڻي اڄ ٿي آهي، جنهن ۾ اگهه جي مقرري واري معاملي تي آبادگارن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *